سرور سيف

سرور سيف

سرور سيف

سرور سيف: اديب ۽ شاعر ، پروفيسر سرور سيف، 6 جون 1953ع تي واليڏني مسڪين جي گهر ڳوٺ نوراجا، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. سندس والد شاعر، مولود خوان ۽ انقلابي انسان هو، جنهن پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ختم نبوت تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جيل ڪاٽيو ۽ تحريڪ دوران ملازمت تان استعيفا ڏني. هو ايڪسائيز کاتي ۾ ملازم هو.
سرور سيف، سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽرس ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. هن علمي ادبي سرگرمين جو آغاز ٻارڙن جي ٻاريءَ ۽ بزم گلشن کان ڪيو. پني عاقل ۾ بزم امروز ۽ بزم حيدر قائم ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي ’انقلابي ڀيڻ‘ اٺين درجي ۾ پڙهڻ دوران روزانه نواءِ انقلاب ۾ ڇپي. هن مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ايس.وي ڪئي ۽ 1971ع ۾ پرائمري ٽيچر طور سرڪاري نوڪري ڪيائين. بعد ۾ جي.ايس.ٽي، ايڇ.ايس.ٽي ۽ 1990ع کان ليڪچرر ٿيو. جنوري 2013ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پني عاقل مان رٽائرڊ ڪيائين. سياسي طور هي کاٻي ڌر ۾ متحرڪ رهيو. سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن ضلعي سکر جو اڳواڻ رهيو. سنڌ هاري ڪاميٽي، شاگرد، هاري، مزدور رابطه ڪاميٽي، آل پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين. بنيادي طور تي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابسته رهيو. هـاريـن، مـزدورن، اسـتادن ۽ صحـافيـن جي تحريڪن ۾ ڀرپور حـصو ورتائين. پ.ٽ.الف ضلعي جو جنرل سيڪريٽري ۽ سپلا سکر ريجن جو عهديدار رهيو. سگا پني عاقل جو ڪنوينر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو. سرور سيف سنڌي ادبي سنگت پني عاقل شاخ جو باني آهي. 1983ع جي مرڪزي چونڊن ۾ جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي بيٺو.
سندس ڪهاڻيون، شاعري، تحقيقي مضمون، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’کير جهڙي ڪاري‘ 1983ع ۾ ڇپيو. 1990ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب ’دنيا جا هاري انقلاب‘ ۽ 2000ع ۾ سندس ٽيون ڪتاب ’جي مون ماڻڪ ميڙيا‘ ڇپيو. ان کانسواءِ سندس ٻين ڪتابن ۾: ’مهراڻ- ڄاڻ جي کاڻ‘، ’شاهه لطيف جو مطالعو‘، ’تاريخ سنڌ‘، ’سنڌي ادب جي جامع تاريخ مسلمان مفڪرن جا سياسي نظريا‘، ’تاريخ اندلس‘، ’تاريخ عثمانيه‘، ’پاڪستان ڏاڪي به ڏاڪي‘، ’پاڪستان ۽ قومي تحريڪون‘ ۽ ’سنڌي گرامر‘ (ٽي ڀاڱا) شامل آهن. ان کانسواءِ هن ايم. اي سنڌيءَ جا گائيڊ بوڪ به لکيا آهن. هن 200 کان مٿي تحقيقي مقالا لکيا آهن.
سرور سيف شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر رهيو آهي. هن مولا بخش ڀُٽي سان گڏ سکر مان ماهوار رسالو ’پريت‘ جاري ڪيو، جنهن جا 14 پرچا نڪتا. هي ماهوار فريڊم جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهيو. هن پني عاقل ۾ لڌارام يادگار ڪاميٽيءَ پاران ائڊووڪيٽ ارجن داس سان گڏجي بيدل، غمدل، روحل، انور شاهه جهانپوري، ڀڳت ڪبير، سنت ڪنور رام ۽ درياهه خان بابت ڪانفرنسون ڪرايون آهن.
سرور سيف کي بيدل اوارڊ، ڀڳت ڪنوررام اوارڊ، ڪلهوڙا هسٽاريڪل فورم اوارڊ ۽ ڪيتريون شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. تحقيق ۽ تاريخ تي سندس تازو ڪتاب ’پنوعاقل: ماضي ۽ حال‘ پڻ ڇپجي چڪو آهي. هي اٿارٽيءَ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي سهڪاري ٽيم ۾ به شامل آهي.


لفظ سرور سيفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.06  عيسوي

اديب ۽ شاعر ، پروفيسر سرور سيف، 6 جون 1953ع تي واليڏني مسڪين جي گهر ڳوٺ نوراجا، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمان شيخ ڊاڪٽر
بهادر ٽالپر
گنگا رام سمراٽ
خالد آزاد
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
عبدالحق مولوي
ارباب علي عادل چوهاڻ
ظفر عباسي ڊاڪٽر
جوگندر پال
آسانند مامتورا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون